اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ اح??ياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي اح??ياطي بزرگ?? ۽ ??ين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن ??يو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا وائر?? جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. هن ??يو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائر?? جي ڦهلاءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.
ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔