اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وف??قي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي مندر جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني سيڪريٽري مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ??رائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته من??ر تي حملو پ??لي?? جي موجودگي ۾ ٿيو. پ??لي?? جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي من??ر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي محمد شريف کي پ??لي?? حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وف??قي پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري ??ي خاطري ??رائي ته وف??قي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي مقدس ماڳن جي به حفاظت ڪندي.
پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي پاران ڪرڪ ضلعي ۾ ساڙيل مندر جو دورو، مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : رومن دولت