اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت تحت مستحقين جي داخلا جو جائزو وٺڻ ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ??اءِ اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد جي ??ختلف علائقن جو دورو ڪندو، نئين مستحقين جي داخلا نئين سروي جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي، احساس سروي 68 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ نئين سروي تحت نشاندهي ڪيل مستحق ماڻهن کي اڄ اربع کان ادائيگيون ڪيون وينديون. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب نئين سروي ذريعي داخل ڪيل سمورن مستحق ماڻهن کي مستقل ??ني??دن تي 2000 رپيا ماهوار ڏنا ويندا ته جيئن انهن جي ??ني??دي ضرورتن ۾ انهن جي ??دد ڪري سگهجي. مجموعي طور تي 70 لک مستحقين کي احساس ڪفالت ۾ شامل ڪيو ويندو، انهن کي جنوري کان جون 2021ع تائين جي ??دي لاءِ 12000 رپيا ڏنا ويندا. هر مستحق کي ايس ايم ايس ملندو جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويندو ته انهن کي احساس پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهي پنهنجي امدادي رقم وصول ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ ان حوالي سان انهن کي هڪ سرڪاري خط پڻ ملندو. اهي مستحق عورتون 6000 رپيا في ٽ?? ماهي وصول ڪنديون. خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا مستحقين بائيو ميٽرڪ اي ٽ?? ايمز، مقرر ڪيل ريٽيل شاپس ۽ بئ??ڪ الفلاح جي ڪئمپ سائيٽس تان جڏهن ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جا مستحقين حبيب بئ??ڪ جي ڪئمپ سائيٽس تان رقم ڪڍرائي سگهندا. مستحق خاندانن کي ادائيگي جا پيغام مرحليوار ??ني??دن تي موڪليا پيا وڃن.
وزيراعظم احساس ڪفالت تحت مستحقين جي داخلا جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج