اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاڪستان ۾ قائم فلسطيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ف??سطين جي سفير احمد جواد اي رابي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ف??سطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ڳڻتي آهي. هن غزه ۾ اسرائيل طرفان م??لسل فضائي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن جي ڪري معصوم فلسطينن جون ??هادتون واقع ٿيون ??هن جنهن تي پاڪستاني عوام انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان م??ڪل وقت ۾ هو پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان م??جد الاقصيٰ جيڪا مسلمان جو قبله اول آهي، جي تقدس جي پائمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گزارن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنجي سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آهن، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني جي بانين اسرائيل جي قيام کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان کي تسليم ڪرڻ کان ان??ار ڪيو، هن چيو ته موجوده ح??ومت پاڪستان جي بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آهي.
قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پاران فلسطيني سفارتخاني جو دورو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے