اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ ??هن??ڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نادرا چيئرم??ن اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏ??ي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نادرا اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نادرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نادرا جي ڪوششن کي به ساراهيو ويو.
سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام