اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي سطح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي امن ڪوششن جو حصو بڻجي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس 2021ع ۽ ع??ائ??ائي صورتحال جي حوالي سان دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪاسا 1000، تاپي گيس پائيپ ??ائ??ن ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ افغان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿئ?? ٿي ته بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو ميسر اچي سگهي ٿو.
هن چيو ته افغانستان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ان جو حل نه ڪڍيو ويو ته انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هن اجلاس وسيلي اسان مشاورت سان ع??ائ??ائي سطح تي افغانستان جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي الزام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ڏئي.
هن چيو ته افغانستان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري افغانستان جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئ?? ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿيل بين الافغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ته اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي امن ڪوششن جو حصو بڻجي.