اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايتن کي نظ??ثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظ??ثاني جي نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سيڪريٽري شڪايتن تي نظ??ثاني جا ذم??وا?? هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آ??ي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آ??ي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪايتن کي کوليو ويندو ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظ??ثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي با??ت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آ??ي ته شڪايتن تي نظ??ثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.
وزيراعظم پاران حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado