اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي وقتي ا??پيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي ا??يمبلي ڏانهن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي ا??يمبلي جو اجلاس وقتي ا??پيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پاڪستان جي حيثيت ۽ قومي ا??يمبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي ا??لاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هي خط پاڪستان جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي ا??پيڪر اسد قيصر کي ڏنو ويو هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي ا??تمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪست??ن کي سنگين نتيجا ??وڳ??ا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪست??ن کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪستان جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania