اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل قومن جي پ??ئي??ار ترقياتي ت??او?? جي فريم ورڪ، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، خوراڪ جي ??فا??ت ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي سميت گڏيل قومن جي پاڪستان سان ڪم ۽ ت??او?? جي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي جي سرگرمين، موسمياتي تبديلين ۽ پ??ئي??ار ترقي جي لاءِ عا??مي ت??او?? جي شعبن ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پ??ئي??ار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڳڀرائي جي حمايت ۾ گڏيل قومن پاران اد?? ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم کي گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ پ??ئي??ار ترقي، انساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي ??فا??ت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پ??ئي??ار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن ۾ گڏيل قومن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جنهن ۾ گڏيل قومن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏيل قومن جي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي يقيني بڻائي رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات