ڪراچي – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڪ فضائيه طرفان خيبرپختون??وا?? سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد، ريليف ۽ بحالي جون سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن. پ??ڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پ??ڪ فضائيه پنهنجن ميڊيڪل ڪيمپن ۽ موبائل ميڊيڪل ٽيمن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي ضروري خطي امداد فراهم ڪري رهي آهي. پ??ڪ فضائيه جون ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس پڻ ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ سرگرم آهن. پ??ڪ فضائيه جي اهلڪارن ٽرانسپورٽ فليٽ، هيليڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. پ??ڪ فضائيه جي اهلڪارن ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۾ خشڪ راشن، پچيل کاڌو، پائڻ جو صاف پاڻي ۽ عام واهپي جون ٻيون شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پ??ڪ فضائيه ضرورت مند خاندانن ۾ 18 هزار 20 پچيل کاڌي جا پيڪيٽ، 340 پاڻي جون بوتلون ۽ 560 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا. وڌيڪ اهو ته مفت خوراڪ ۽ رهائشي جي فراهمي کان علاوه پ??ڪ فضائيه جون ميديڪل ٽيمون 878 مريضن جو مفت طبي معائنو پڻ ڪيو.
پاڪ فضائيه طرفان ٻوڏ متاثرن جي طبي امداد جون سرگرميون جاري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری