اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي، الحمدالله! پنجاب جي وسيلن ۽ پنجاب جي عوام جي محنت جي ڪمائي سان ??يرن جون منڊيون خريد ڪندڙن کي پنجاب جي عوام سڃاڻ?? وئي آهي، فارن ايجنٽ جو ووٽ ۽ اليڪشن جي طاقت سان ??فاق وانگر پنجاب ۾ به صفايو ڪنداسين، ووٽ جي طاقت سان انهن ڦورن، فارن ايجنٽس ۽ فرنٽ مينن جو خاتمو ڪيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چار سال بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ فرنٽ مينن جي ذريعي وفاق ۽ پنجاب کي ڦريو ويو، اسان ??نجاب ۾ ٻيهر خوشحالي جو دور شروع ڪنداسين، پنجاب جي عوام مفت علاج، تعليم ۽ بهترين رستا ڏينداسين، پنجاب ۾ ترقي جي رڪيل عمل کي ٻيهر شروع ڪنداسين ۽ گذريل چار سالن دوران ??نجاب جي عوام سان ??يندڙ زيادتين جو ازالو ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي ڊيفالٽ جي ڪناري تي ڌڪيندڙن کي عوام ووٽ ن?? ڏيندي، پنجاب جي باشعور عوام پنهنجي ترقي کي ووٽ ڏيندي، اها ٻهروپين، فارن ايجنٽس، چورن، پنجاب کي ڦرڻ، اجاڙڻ ۽ ويران ڪندڙن کي ووٽ ن?? ڏيندي.
چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔