اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪن??و. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آذربائيجان سان تعاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪن??ڙ وزير وزيراعظ?? جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪن??و جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تعاون جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪن??و. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ??اڳ??پا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قيادت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اج??گر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوا?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا