ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي ت??بيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سالن جا م??ئل?? هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن، پر وفاقي ??ڪومت صوبي ۾ معياري ت??ليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان بلوچستان جي شاگردن جا م??ئل?? حل ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون، ماضي جي حڪومتن تعليم تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا. اسان جي ڪوشش آهي ته بلوچستان جي ت??ليمي ادارن جا م??ئل?? سنجيدگي سان حل ڪريون، هن وقت بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن وٽ هليو ويو آهي پر ان باوجود وفاقي ??ڪومت صوبي ۾ معياري ت??ليم کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. هن چيو ته اسان وچن ڪريون ٿا ته سمورن صوبن لاءِ هڪ اهڙي ت??ليمي پاليسي بڻايون جيڪا ايندڙ حڪومتن لاءِ مشعل راهه هجي، هن چيو ته 50 سالن جا م??ئل?? هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن پر ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، جيستائين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ت??ليم جا معياري موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن انهن لاءِ عملي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ مشڪل هوندو، هن چيو ته صوبي ۾ تعليم کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ لاءِ وفاقي ??ڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي جي خضدار ۽ پشين ڪيمپس لاءِ 50 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان يونيورسٽي ۾ معياري ت??ليم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، تقريب جي آخر ۾ وفاقي وزير شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.
وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ تعليم جي هٿي وٺرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : apostas quina