اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جباليه پن??هگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي عام شهرين جي وڌيڪ قتل عام کي روڪڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان غزه ۾ جباليه پن??هگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. تر??مان چيو ته اهو حملو غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏوهن جي س??سلي جو تازو ترين واقعو آهي، هو عام شهرين کي وڌيڪ قتل عام کان بچائڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏي ٿو. تر??مان چيو ته اسان عالمي برادري خاص طور تي اسرائيل جي حامين تي زور ڏي ٿو ته اهي حملن کي روڪڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي س??ولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ته جيئن غزه جي محصور ماڻهن کي بنا رڪاوٽ امدادي سامان فراهم ڪري سگهجي.
پاڪستان پاران غزه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن