اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي ل??ءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻايو ويندو. ??ار?? پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي ق??اد?? آر آءِ يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪارڊ ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي درخواست ڪئي ۽ اخبارن جي مالڪن پاران ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ريجنل ا??بارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل ا??بارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي ل??ءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي درپيش مسئلن جي حل ل??ءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف ملڪ، عمران مقصود ۽ مظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.
علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں