راولپنڊي- 15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير آمريڪا جي دؤري دوران آمريڪا جي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻه طرفي دلچسپيءَ جي معاملن، عالمي ۽ علائقائي سلامتي ۽ جاري تڪرارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ ٻه طرفي سهڪ??ر جي امڪاني موقعن جي ڳولا لاءِ گڏيل رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق آمريڪا جي دؤري دوران آرمي چي?? جنرل سيد عاصم منير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، دفاع واري سيڪريٽري جنرل لائيڊ جي آسٽن، نائب آمريڪي پرڏيهي وزير وڪٽوريه ??ولينڊ، نائب قومي سلامتي جي صلاحڪ??ر جوناٿن فائز ۽ آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چي??س آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيوبران سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري شعبي ۾ سهڪار ۽ دفاعي سهڪار کي گڏيل تعاون جو بنياد قرار ڏنو ويو. ٻنهي ڌُرين ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل فائديمند رابطن جي دائري کي وڌائڻ وارا طريقا ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چي?? علائقائي سلامتي جي مسئلن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي متاثر ڪندڙ اڳڀرائيءَ تي هڪ ٻئي جي نقطه نظر کي سمجهڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان کي نظر ۾ رکندي آرمي چي?? ??شم??ر مسئلي کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آرمي چي?? اتي رهندڙ پاڪستانين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ آجياڻي ۾ آرمي چي?? پاڪستاني برادريءَ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. آرمي چي?? پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ طرفان ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. ڳالهين دوران مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آرمي چي?? پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري ڪندڙ پرڏيهين جي آجيان ۽ حوصله افزائي ڪئي، جن پهريان ئي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. آرمي چي?? ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آمريڪا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي روانگي واپ??ر جي مارڪيٽ آهي جيڪا اسان جي ڪل روانگي واپ??ر جو 21.5 سيڪڙو آهي. هن اسپيشل اسڪريننگ،، ويزائن کان انڪار ۽ روڪڻ جهڙين افواهن کي رد ڪري ڇڏيو. آرمي چي?? چي?? ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جا سفير آهن ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستاني برادري جي ميمبرن پاڪستان جي بهتريءَ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ شراڪت تي فخر جو اظهار ڪيو. آرمي چي?? سڄي پاڪستاني برادريءَ کي انهن جي ڪوششن تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن تنوير احمد سان به ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي شعبي نسٽ لاءِ 9 ملين ڊالرن جو عطيو ڏنو هو. آرمي چي?? سندس تعريف ڪندي ـ چي?? ته پاڪستان کي توهان جهڙن هيروز تي فخر آهي.
آمريڪي دؤرو، آرمي چيف جون آمريڪي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون، ٻه طرفي دلچسپي، عالمي ۽ علائقائي سلامتيءَ جي گڏيل معاملن ۽ عالمي تڪرارن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria