اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب ا??ار??ت جي سفير عماد عبيد ابراهيم سليم الزابي ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر گڏيل عرب ا??ار??ت سان ٻطرفي تعاون جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ملاقات دوران چيو ته واپار، معيشت، هوابازي، قابل تجديد توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايئر بس اي – 380 جي ڪمرشل اڏامن جي شروعات سميت هوابازي جي شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هوابازي جي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون سان گڏيل عرب ا??ار??ت ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ملندي. هن چيو ته ا??ار??تي ڪاروباري ادارا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪن. ا??ار??تي ڪاروبار پاڪستاني معيشت ۾ جديد خيال ۽ سيڙپڪاري آڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان تمر جي ٻيلن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت کي ڪاربن ڪرڊيٽس جي مارڪيٽ مان گڏيل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي. پاڪستان پاڻي جي زيان تي ضابطو آڻڻ، زرعي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ واهن جي لائيننگ جا منصوبا شروع ڪيا. صدر چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت کي نئين ٽيڪنالاجيز جي حصيداري، زرعي شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي تبديلين جي ڪري غذائي تحفظ جو مسئلو خطي جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. ا??ار??تي سفير چيو ته گڏيل عرب ا??ار??ت پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان سان بيٺل رهنداسين. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي گڏيل عرب ا??ار??ت جي سفير اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته گڏيل عرب ا??ار??ت جون وڏيون ڪمپنيون پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جون خواهشمند آهن. گڏيل عرب ا??ار??ت تازو ئي ماحولياتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي. گڏيل عرب ا??ار??ت ”لاس اينڊ ڊيميجز“ فنڊ جي لاءِ 100 ملين ڊالر جو واعدو ڪيو. هن چيو ته فنڊ سان عدم تحفظ جي شڪار ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فنڊ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ا??ار??تي سفير صدر آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. سفير گڏيل عرب ا??ار??ت جي قي??دت ۽ عوام پاران نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. ا??ار??تي سفير صدر کي گڏيل عرب ا??ار??ت جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي صدر قبول ڪيو. صدر مبارڪباد جي پيغامن تي گڏيل عرب ا??ار??ت جي قي??دت جا ٿورا مڃيا. گڏيل عرب ا??ار??ت منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات کي واپار، معيشت، هوابازي، قابل تجديد توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج