اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاربن ڪريڊٽس پاليسي رهنما اصولن جي حوالي ??ان هتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ موسمياتي تبديلي ??ابت پاڪستان ڪائونسل جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيرن اسحاق ڊار، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ??ابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عا??م، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ س??ڪا??ي ۽ نجي شع??ي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سان ملڪ بري طرح متاثر ٿيو، خادم پاڪستان جي ناطي ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي ??ان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي ??ي حوالي ??ان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، احسن اقبال ۽ شيري رحمان سان گڏوگڏ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن گڏجي پاڪستان کي ان مشڪل وقت مان ڪڍڻ ۽ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ??ي حوالي ??ان انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا. هن چيو ته دوست ملڪن، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تبديلي کان متاثر پاڪستانين جي پڪار تي لبيڪ چيو جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ وفاق کي گڏجي موسمياتي تبديلي ??ي حوالي ??ان پاليسي سازي ڪرڻي آهي، موسمياتي تبديلي ??ي حوالي ??ان اسان جي چئلينجز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي ??ان قدمن ۾ بهتري آئي آهي جن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي ??ان پاليسي رهنما اصولن جي حوالي ??ان حتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي ??ابت سمورن معاملن تي صوبن جي مشاورت کانسواءِ ڪنهن به قسم جي پاليسي سازي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اجلاس ۾ پاليسي گائيڊ لائينز فار ٽريڊنگ ان ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي ??ان تفصيلي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صوبن سان مشاورت کانپوءِ ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ مسودو پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏين وزيرن پاليسي سازي جي حوالي ??ان پنهنجي پنهنجي صو??ي جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وزارت کي ان اهم پاليسي مسودي جي لاءِ صوبن ۽ سمورين ڌرين کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪاربن ڪريڊٽس پاليسي رهنما اصولن جي حوالي سان هتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت