اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري پاڪ – اردن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اردن جي سفير ڊاڪٽر معين خراست سان ڳا??هائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اردن جي سفير صدر کي 11 جون تي اردن ۾ غزه بابت انساني امداد تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. صدر سفير کي اردن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان پاران شرڪت جي خاطري ڪرائي. اردن جي سفير ان موقعي تي چيو ته اردن فلسطين ۾ انساني امداد جي فر??هم?? جي لاءِ اخوت فائونڊيشن سان مفاهمتي يادداشتن تي صح??حو?? ڪيون آهن. صدر فلسطين ۾ امداد پهچائڻ ۾ اردن جي ڪوششن کي ساراهيو. سفير صدر آ??ف علي زرداري کي اردن شاهه پاران صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد جو پيغام پهچايو.
پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات