اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ منظور ٿيل قرارداد تي پرڏيهي آفيس ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ پڻ بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ان حوالي سا?? قرارداد آڻينداسين، پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي سميت پرڏيهي پاليسي جي حوالي سا?? ايوان کي بريفنگ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، حڪومت فلسطين، ڪشمير، اسلامو فوبيا مسئلي ۽ سوشل ميڊيا تي نبي پاڪ ﷺ جي شان اقدس ب??بت گستاخانا مواد جي حوالي سا?? او آءِ سي سميت هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، پاڪستان موجوده معاشي صورتحال مان نڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو اسان ان صورتحال مان ٻاهر نڪري اينداسين. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث کي سهيڙيندي هن چي?? ته ڪٽوتي جي رٿن ??و مقصد ئي اهو هوندو آهي ته موضوع کي بحث هيٺ آندو وڃي. هن چي?? ته ميمبرن پاران ان تجويز جي آجيان ڪريون ٿا ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سا?? هڪ جدا سيشن ٿئي، اسان پرڏيهي پاليسي جي حوالي سا?? مڪمل بريفنگ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن چي?? ته گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ منظور ٿيل قرارداد تي پنهنجو ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي. بجيٽ جي منظوري کانپوءِ اسان به ان قرارداد جي حوالي سا?? هڪ قرارداد آڻينداسين. هن چي?? ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سا?? آئين ۾ ترميم ڪريو اسان ان جي سپورٽ ڪنداسين. اسان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا. مسلم ليگ (ن) اڳ ۾ به ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سا?? هڪ فارمولو ڏنو هو جنهن تي اوورسيز پاڪستانين ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو هو. هن چي?? ته اهو چوڻ صحيح نه آهي ته حڪومت فلسطين جي حوالي سا?? ڪجهه ناهي ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت فلسطين مسئلي جي حوالي سا?? پنهن??و موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان ??و موقف ۽ عزم ان حوالي سا?? واضح آهي ته فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان ان جي ڀرپور مخالفت ڪريون ٿا ان حوالي سا?? اسان گيمبيا ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وڏي دليراڻي انداز ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪي?? ته اها جنگبندي ٿيڻ گهرجي. فلسطينين جي لاءِ خوراڪ جي پهچ ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ گهرجن، القدس الشريف فلسطين جو گادي وارو شهر هجڻ گهرجي. هن چي?? ته استنبول ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پڻ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. عمان ۾ 65 ملڪن جو سربراهي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي هدايت تي مون پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پاڪستان مان 2400 ميٽرڪ ٽن خوراڪ ۽ امدادي سا??ان اسان اردن جي ذريعي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. هن چي?? ته ڪشمير جي حوالي سا?? به اسان او آءِ سي جي اجلاس ۾ پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريو جنهن ۾ اسان جي دوست ملڪن اسان جو ڀرپور سا?? ڏنو. هن چي?? ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ اسان نبي پاڪ ﷺجي شان ۾ گستاخانا خاڪن جي خلاف پڻ ڀرپور آواز اٿاريو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا تي اهڙو گستاخانو مواد هٽائڻ گهرجي. غزه، اسلامو فوبيا ۽ ڪشمير جي حوالي سا?? اسان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چي?? ته اهو چوڻ صحيح نه آهي ته پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي صحيح رخ ۾ آهي، پاڪستان ٻن سا??ن جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??و ميمبر چونڊيو آهي، چين اسان جو بهترين پاڙيسري ملڪ ۽ دوست آهي. گذريل ڪجهه سا??ن ۾ سي پيڪ منصوبو جيڪو در جو شڪار ٿي رهيو هو، وزيراعظم شهباز شريف نه رڳو ان منصوبي کي بحال ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي پر اهو اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. چين جي حڪومت تازن ڏينهن ۾ پنهنجو هڪ انتهائي اعليٰ سطحي وفد پڻ پاڪستان موڪليو. هن چي?? ته اهي سڀ اهي شيون آهن جن جي ذريعي اسان کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. هن چي?? ته اهو چوڻ به صحيح نه آهي ته بشام ۾ مارجي ويل چيني ورڪرن جي پونئيرن کي 27 ملين ڊالر ادا ڪيا آهن بلڪه پاڪستان پاران رڳو اڍائي ملين ڊالر جي رقم ادا ڪئي وئي آهي. اسان چاهيون ٿا ته افغانستان مضبوط ٿئي، اسان افغان حڪومت سا?? رابطي ۾ آهيون. ان سلسلي ۾ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ روحه ۾ هڪ ٽه ڌري سمٽ ٿي رهي آهي جنهن ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ دوحه شرڪت ڪندا. پاڪ ايران گئس پائيپ لائين جي حوالي سا?? اٿاريل اعتراضن جو جواب ڏيندي هن چي?? ته ان سلسلي ۾ آمريڪي پابنديون هڪ وڏي رڪاوٽ آهن، پيٽروليم واري وزارت ان معاملي تي پڻ ايوان کي بريفنگ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. اسحاق ڊار چي?? ته ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن جي مارجڻ جون جعلي پوسٽون سوشل ميڊيا تي هنيون ويون، اهڙيون پوسٽون بند ٿيڻ گهرجن ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه حقيقتن جي ابتڙ نه ٿيڻ گهرجي. هن چي?? ته مون جڏهن کان پرڏيهي وزارت جو قلمدان سنڀاليو آهي منهن??و موقف آهي ته روايتي ڊپلوميسي بدران اقتصادي ڊپلوميسي کي اڳتي وڌائينداسين. هن چي?? ته پاڪستان ۾ 10 ٽريلين ڊالر جا وسيلا موجود آهن. هن چي?? ته ماضي ۾ به پاڪستان جي ڏيوالپڻي ٿيڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون پر اسان پنهنجي حڪومت ۾ ملڪ کي ان صورتحال مان ڪڍڻ جي لاءِ 10، 12 سا??ن بدران رڳو ساڍي ٽي سا??ن ۾ ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪيو. پاڪستان اڃا به ان صورتحال مان نڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، اسان جو ويزن ۽ رخ واضح آهي. اڃا به ڪجهه وقت لڳندو اسان ان صورتحال مان ٻاهر نڪري اينداسين.
آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ منظور ٿيل قرارداد تي پرڏيهي آفيس ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي، بجيٽ منظوري کانپوءِ ان حوالي سان قرارداد آڻينداسين: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا