اسلام آباد-27 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي علائقي خان يو??س ۾ جاري اسرائيلي فورسز جي پرتشدد ڪارروائين جي شديد مذمت ڪندي ۽ گهري ڳڻتي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ??المي برادري اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي پڇاڻي لاءِ ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، فلسطين ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، گڏ??ل قومن سميت عالمي برادري پنهنجون ذميورايون پوريون ڪري. وزيراعظم جي آفيس ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته ??ان يو??س ۾ اسرائيل جي بربريت سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿيا آهن، خان يو??س جي علائقي ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال سبب علائقي ۾ عام واهپي جي شين سميت زندگي جي ٻين ضرورتن جي شين جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي،گڏيل قومن سميت عالمي برادري پنهنجون ذميورايون پوريون ڪري، وزيراعظم چيو ته ??سرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشي جا سنگين ڏوهه ڪري رهيا آهن..پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ فلسطينين جي خوداراديت واري حق ۽ اسرائيل پاران فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاري، وزيراعظم چيو ته ??سان اهو مطالبو ورجائيون ٿا ته انصاف جي عالمي عدالت فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان تازي فيصلي ۽ گڏ??ل قومن جي ٺهرائن تي عملدارآمد ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مان پاڪستان ايئر فورس جي ڇهن جهازن ذريعي 1200 ۽ 3 سامونڊي جهازن ذريعي 1500 ٽن امدادي سامان فلسطين موڪليو ويو آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فلسطيني ميڊيڪل شاگردن لاءِ خاص انتظامن جي هدايت ڪئي وئي آهي ته ??ئين اهي پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکي سگهن، وزيراعظم چيو ته ??المي برادري اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي پڇاڻي لاءِ ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ آهي.
عالمي برادري اسرائيل کان جنگي ڏوهن جي پڇاڻي لاءِ ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2