اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي پروڪيور??ين?? منصوبي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پروڪيور??ين?? ج?? عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيور??ين??، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حوالي سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم پروڪيور??ين?? ج?? عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پروڪيور??ين?? ج?? عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هئڻ گهرجي، ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي منصوبن کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائڻجي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اي-پروڪيور??ين?? تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبي ت?? عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪم جي معيار ۽ ان پراسس جي مڪمل نه هئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي پروڪيور??ين?? جو منصوبو پبلڪ پروڪيور??ين?? ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، اي پروڪيور??ين?? جي منصوبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. وفاقي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پروڪيورنگ ايجنسين ۾ اي پروڪيور??ين?? لاڳو ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پروڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي اي پروڪيور??ين?? جي تربيت ڏني وئي آهي، وفاقي حڪومت جو اي پروڪيور??ين?? جي حوالي سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، اي پروڪيور??ين?? جي حوالي سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڄمن ڪشمير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اي پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني اندر مڪمل ڪيو وڃي، پروڪيورمينٽ عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará