اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2025ع دوران ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو جي اؤسر جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مالي سال 2024ع دوران ??اڪ??تان جي معيشت ۾ بحالي آئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ پرڏيهه ??ان آيل ناڻي ۾ بهتري اچڻ آهي، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪالهه ايشيئن ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري ڪيل ر??ور?? ۾ چئي وئي آهي. ر??ور?? مطابق مالي سال 2024ع جيڪو 30 جون 2024ع تي ختم ٿيو، ان ۾ ??اڪ??تان جي مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي. ر??ور?? ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع ۾ ??اڪ??تان جي، جي ڊي پي وڌيڪ 2.8 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ر??ور?? ۾ چيو ويو آهي ته معاشي چئلينجن وچ ۾ ??اڪ??تان لاءِ معاشي سڌارن جي پروگرام تي عمل پيرا رهڻ، ڪُلي معيشت جي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي مسلسل بحاليءَ لاءِ انتهائي اهم هوندو. ??اڪ??تان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻُڌايو ته ??اڪ??تان جي معاشي ترقيءَ جا امڪان ان ڳالهه تي ڀاڙين ٿا ته ملڪ ۾ اقتصادي سڌارن کي ڪنهن حد تائين مستقل ??زاجي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ مالي ۽ پرڏيهي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته ??اڪ??تان کي عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ، سماجي خرچن جي تحفظ ۾ اضافي، رياستي ملڪيتي ادارن جي مالي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. ر??ور?? ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 25ع ۾ معاشي ايڊجسٽمينٽ پروگرام جو لاڳو ڪرڻ معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ان سان معيشت کي وڌيڪ مستحڪم مائڪرو اڪنامڪ ماحول فراهم ٿي سگهندو، جڏهن ته نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر معاشي حالتن جي ضرورت پوندي، جن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي تائين آسان پهچ شامل آهي، جنهن سان مينيوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبي کي به فائدو پهچندو. ر??ور?? ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 24ع ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جاري مالي سال دوران پڻ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. مالي سال 24ع جي پهرين ڇهه ??اهي ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي پر بعد ۾ خاص طور تي چوٿين ٽه ماهي ۾ گهٽتائي آئي. اها گهٽتائي کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ٿي، جنهن جو بنيادي سبب زرعي پيداوار ۾ اضافو هو. مالي سال 25ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ هئڻ جو امڪان آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ مناسب مالياتي پاليسي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ عالمي غذائي قيمتن جي مستحڪم اڳڪٿي ٻُڌائي پئي وڃي.
پاڪستان ۾2025ع دوران مجموعي پيداوار 2.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha