اسلام آباد – 26 – ڊ??مب?? (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۽ مائوزي تنگ جديد چين جو بنياد رکيو، پاڪستان ۽ چين جا تاريخي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم آهن، پاڪستان ۽ چين جي آل – ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ نئين بلندين کي ڇُهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري چيني آرٽسٽ ۽ مجسمه ساز ما??ٽر يوآن شيڪم سان ملاقات ۽ 25 ڊ??مب?? تي قائداعظم ۽ 26 ڊ??مب?? تي مائوزي تنگ جي سالگرهه جي مناسبت سان ان جي اسڪيچرز (مجسمن) جي نقاب ڪشائي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين مائوزي تنگ جي ڀائيٽي مادام مائوشيائو چنگ پڻ موجود هئي. ما??ٽر يوآن جي ٺاهيل قائداعظم محمد علي جناح ۽ چيئرمين مائوزي تنگ جي مجسمن جي حوالي سان خصوصي تقريب جو انعقاد 25 ڊ??مب?? تي قائداعظم ۽ 26 ڊ??مب?? تي مائوزي تنگ جي سالگرهه جي مناسبت سان ڪيو ويو. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ما??ٽر يوآن کي ڀليڪار چيو. هن قائداعظم ۽ چيئرمين مائو جا شاندار اسڪيچرز ٺاهڻ تي ما??ٽر يوآن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته هي تاريخي آهي، ٻنهي اڳواڻن جا مجسما ما??ٽر يوآن جي مهارت جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن جي قيادت ڪندي نئين اسلامي مُلڪ پاڪستان جو بنياد رکيو، جديد چين جو بنياد رکڻ ۾ چيئرمين مائو جو اهم ڪردار هو، چيئرمين مائوزي تنگ جي عز?? ۽ ??حترام هر پاڪستاني جي دل ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو بنياد گڏيل عز?? ۽ ??حترام ۽ ڀروسي تي ٻڌل آهي، چين ۽ پاڪستان ٻئي قديم ورثن جا امين آهن، هلندڙ سال جون ۾ پنهنجي چين جي دوري دوران شيان ۾ ٽيراڪوٽا واريئرز ميوزيم وڃڻ جو اتفاق ٿيو جيڪو انتهائي متاثر ڪندڙ تاريخي ورثو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان واديءَ سنڌ جي قديم ترين تاريخ جو مسڪن آهي. موهن جو دڙو ۽ هڙپه ۾ هزارين سال پراڻي انساني تاريخ آهي، هلندڙ سال چ??ن جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا مثالي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا، پاڪستان ۽ چين جي آل – ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ نئين بلندين کي ڇُهي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي کان وٺي دفاع ۽ دفاعي پيداوار ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، پاڪستان مان زراعت جي شعبي جي گريجوئيٽ جي پهرين بيچ چيني زرعي يونيورسٽين ۾ تربي?? ۽ ??حقيق جي لاءِ جلد چين رواني ٿيندي. تقريب ۾ اطلاعات، ن??ري???? ۽ ??قافت وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زي ڊونگ، چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير خليل هاشمي ۽ سرڪاري آفيسر موجود هئا.
قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۽ مائوزي تنگ جديد چين جو بنياد رکيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná