رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪا، مص??، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سان ٽيليفون تي فلسطين بابت صورت??ال تي ڳالهيون ڪندي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌرين کي انساني حقن بابت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن صورت??ال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي فوري طور روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهيون ڪيون. مص?? جي پرڏيهي وزير ۽ اردن جي نائب وزيراعظم سان رابطي دوران غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي صورت??ال ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائن لاءِ گڏيل ??دم تيز ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ٽيليفون ت?? رابطي ۾ غزه جي صورت??ال ۽ ڇڪتاڻ روڪرائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه آمريڪي پرڏيهي وزير هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ رابطي م فلسطيني اٿارٽي تي اولهندي ڪناري ۾ امن ۽ استحڪام ب??ال ڪرڻ تي زور ڀريو.
غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪيون ٿا: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی