گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي سيشن کان پوءِ سعودي پر??يهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته فلسطين مسئلو منصفاڻي حل کان سواءِ خطي ۾ امن جو قيام ناممڪن آهي. ان موقعي تي سعودي عهديدارن سان گڏ اردن جو پر??يهي وزير ايمن الصفدي، فلسطين جي پر??يهي وزير رياض المالڪي ۽ مصر جي پر??يهي وزير سامح شڪري پڻ مو??ود هئا. اردن جي پر??يهي وزير خبردار ڪيو ته جنگ روڪڻ لاءِ مو??ر قدم نه کنيا ويا ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ اولهه ڪناري ۾ پکڙجڻ کان علاوه لبنان ۽ ٻين محاذن تي پکڙجي ويندي. جنگ جي پکڙجڻ جو سنجيده خطرو مو??ود اهي. واضح رهي ته اسرائيل پاران غزه تي بمباري ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت جاري رهي آهي، ان دوران 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهي?? ٿي چڪا اهن جڏهن ته 1400 اسرائيلي مارجي ويا آهن. 23 لک کان وڌيڪ آبادي مسلسل لاڪ ڊائون سبب کائڻ پيئڻ جي شين کان محروم آهي. جڏهن ته لکين فلسطيني شهري بمباري سبب گهر ڊهڻ سبب بي گهر ٿي چڪا آهن.
عرب پرڏيهي وزيرن جو اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ فوري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ