نيويارڪ – 4 نومبر (اي پي پي )آمريڪا ?? 7 ڪروڙ 80 لک ووٽرن 5 نومبر تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق 4 ڪروڙ 26 لک کان وڌيڪ ووٽرن ??ولنگ اسٽيشنن تي وڃي اٽڪل 3 ڪروڙ 53 لک ووٽرن ??پال ذريعي ووٽ وڌو. آمريڪا ?? رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ اٽڪل 16 ڪروڙ 80 لک آهي. وقت کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ??ي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ ٽيڪساس رياست ۾ 8.9 ملين رڪارڊ ڪيو ويو. فلوريڊا رياست ۾ (8.1 ملين )، ڪيليفورنيا رياست ۾ (7.6 ملين )، اتر ڪيرولينا ۾ (4.4 ملين ) ۽ جارجيا ۾ (4 ملين ) ووٽن جو ٽرن آئوٽ رهيو. واضح رهي ته آمريڪا ?? 5 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي طرفان ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ طرفان ڪملا هيرس آمريڪي سربراهه جي عهدي لاءِ آمهون سامهون آهن.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔