ڍاڪا-14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اٽارني جنرل محمد اسد الزمان ملڪي آئين ۾ ترميمن جو مطالبو ڪندي سوشلزم، بنگالي قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ شيخ مجيب الرحمان کي باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون ??ني??ن آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسد الزمان اهي رمارڪس بنگلاديش جي 15 هين آئيني ترميم جي قانوني حيثيت تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي پنجين ڏينهن پنهنجي دليلن دوران ڏنا. هن آئين جي آرٽيڪل 8 جو حوالو ڏيندي چيو ته سوشلزم ۽ سيڪيولرازم ان قوم جي حقيقتن جي عڪاسي نه ڪندا آهن جتي 90 سيڪڙو مسلمانن جي هجي. هن ان حوالي ??ان آئين جي اصل جملي کي بحال ڪرڻ جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ الله تي پختي ايمان تي زور ڀريو ويو هو. هن آرٽيڪل 9 ۾ بنگالي قومپرستي جي هڪجهڙائي تي به سوال اٿاريا ان کي جديد جمهوري اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو. هن ريفرنڊم لاءِ شقن کي بحال ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، جن کي 15 هين ترميم تحت ختم ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل آرٽيڪل 6 تي به تنقيد ڪئي، جيڪو ٻولي جي ذريعي قومي سڃاڻپ جي وضاحت ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان ??ان شهرين ۾ غير ضروي ويڇي کي هٿي ڏني آهي. هن چيوته آرٽيڪل (ka)7 ۽ (Kha) 7 جمهوريت جي روح ??ان هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ آمراڻي مقصدن جي تڪميل ڪن ٿا ان لاءِ انهن ٻنهي آرٽيڪلز کي ختم ڪيو وڃي. اٽارني جنرل نگران حڪومتي نظام جي خاتمي جي پڻ شديد مذمت ڪئي.
بنگلاديش جي اٽارني جنرل پاران ملڪي آئين مان سوشلزم، قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون