اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي حصيداري ۽ ويجهن دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ دفاع، توانائي، وا??ار ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳاله?? آذربائيجان جي دفاعي صنعت واري وزير ياور جمالوف سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي طرفن کان وا??ار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۽ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي اجلاس جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياور جمالوف جي آجيان ڪندي وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ويجهي ماضي ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا