ڪراچي – 21 مئي (اي پي پي) صدر مم??ون حسين چيو آهي ته عوام کي پنهنجا ??ق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي اندر خوداعتمادي پيدا ڪرڻ گهرجي، اهڙي ئي طرح معاشري ۽ رياست پاران لاڳو ٿيندڙ ذميوارين جي ادائيگي ۾ پڻ ڪا ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي. صدر اها ڳالهه زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکن??ڙ وفدن سان ڳالهائيندي چئي. وفدن ۾ قانوندانن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن سميت معاشري جا نمائنده ما??هو شامل هئا. صدر چيو ته قومي ترقي کي حقيقي بنياد تعليم فراهم ڪري ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته تعليمي ادارن ۾ معياري نطم ۽ ضبط ق??ئم ٿئي ۽ تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن به ڪوتاهي کان ڪم نه ورتو وڃي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے