اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عبسي قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ تي سمورين سياسي پارٽين ۽ قوم کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 2013ع ۾ جيڪي چئلينج درپيش هئا اڄ ان کان صورتحال ڪيترائي درجا بهتر آهي، جولاءِ ۾ چونڊن ??ي ذريعي عوام کي في??لو ڪرڻو آهي ته اقتدار ڪنهن کي سونپڻو آهي، عام چونڊن ۾ هڪ ڏينه?? جي به دير برداشت نه ڪنداسين. قومي اسيمبلي جي آخري ۽ الوداعي خطاب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ جڏهن هي اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جهڙي طرح هن ايوان کي هلايو، غير جانبداري جا نوان معيار قائم ڪيا، جهڙي طرح سڀني کي گڏ رکيو.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔