اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وف??قي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن ج?? صوابديدي فنڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌر?? ٻڌايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اجلاس هو، گذريل حڪ??مت جي دور ۾ ڪابينا جا اجلاس گهٽ ٿيندا هئا پر موجوده حڪ??مت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪند?? ٻڌايو ته وف??قي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن ج?? صوابديدي فنڊن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جي??ڏهن اهڙي طرح اربين رپين جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا پاران صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی