اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي ا??تساب چاهين ٿيون، اهو بنا ڪنهن فرق جي هجڻ گهرجي، اسان هڪ طرفي ا??تساب جي ڪالهه به خ??اف هئاسين ۽ اڄ به ان جي خ??اف آهيون، احتساب قانون تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، پر احتساب جو عمل اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي. اڳوڻي ا??پيڪر سردار اياز صادق پاران اٿاريل نق??ن جي جواب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته مسلم ليگ (ن) وٽ سنهري موقعا هئا انهن جي دور ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، اسان ڪوشش ڪئي ته اتفاق راءِ سان نيب جي قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي، (ن) ليگ وٽ پنج س??ل هئا پر انهن اهو موقعو وڃائي ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی