اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپخت??نخ??ا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس سبب 131 فوتگيون ٿيون جن??ن مان 59 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران س??ي ملڪ ۾ 4 هزار 207 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 68 سيڪڙو، لاهور ۾ 56 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، ??جرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 65 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 130 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 20 هزار 421، پنجاب ۾ 15 هزار 949، خيبرپخت??نخ??اهه ۾ 8 هزار 43، اسلام آباد ۾ 3 هزار 949، بلوچستان ۾ هڪ هزار 481، گلگت بلتستان ۾ 333، آزاد ڪشمير ۾ 954 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 4 هزار 122 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 540 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 282 آهي. س??ي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 90 هزار 391 آهي.
ڪورونا سبب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 131 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن