اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين ۽ ٻين ڌرين ??ي زور ڏنو آهي ته آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪيو وڃي، ميڊيا جي ذريعي آبادگارن کي فصل انشورنس بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ فصل جي انشورنس بابت ڌرين ??ي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين ??هانيان گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، انشورنس ڪمپنين ??ي نمائندن ۽ ٻين ??رڪت ڪئي. صدر چيو ته آبادگارن جي لاءِ هڪ مڪمل سوچيل سمجهيل، عملي ۽ دوستاڻي ٺوس حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبن جي سمورين ڌرين ??ان مشاورت کانپوءِ آبادگارن کي آسان ??ريقيڪار تحت فصل جي انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته آبادگارن کي فصل جي خرابي ۽ انساني ساخته ۽ قدرتي آفتن سان فصل جي نقصان کان ??چائڻ پاڪستان ??ي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته زراعت پاڪستان ??ي معيشت جو سڀ کان وڏو شعبو آهي ۽ اسان ??ي آبادي جي هڪ وڏي انگ جو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح دارومدار ان ??عبي تي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ??نهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي گلوبل وارمنگ سان پيدا ٿيندڙ قدرتي افتن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکن ٿا ۽ ان ??جحان ??ي ڪري آبادگارن کي بار بار ٻوڏ، ڊگهي سوڪهڙي، غيرمتوقع موسمي حالتن ۽ جيتن جي حملن جي ڪري اڪثر نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن هڪ جديد ترين ??يٽلائيٽ اميجري تي ٻڌل موسم جي اڳڪٿي جو نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو صحيح اڳڪٿي خاص طور تي ٻوڏ بابت قيمتي ۽ مستنند ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي قابل هجي ته جيئن آبادگارن کي فصل جي تباهي کان ??چڻ جي لاءِ قيمتي معلومات ملي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فصل جي انشورنس جي حوالي سان ??مل جوڳو حل تجويز ڪرڻ جي لاءِ مخ??لف ڌرين ??و هڪ فني ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو.
انشورنس ڪمپنيون آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا