اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 10.4 ڪلوميٽر رستو جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ايندڙن کي هڪ متبادل رستو فراهم ڪندو، اهو رستو سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين هوندو، ان ??نصوبي تي 2 ارب 69 ڪروڙ 91 لک رپيا لاڳت آئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ??نصوبي جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان ??وقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خ??ن کانسواءِ مسلم ليگ (ن) ر??ول??نڊي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ان ??وقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ان ??نصوبي جي شروعات جون 2021ع ۾ ڪئي وئي. ڊسمبر 2022ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، ان ??نصوبي ۾ شاهه الله ڏتا جي جڳهه تي هڪ انڊر پاس شامل ڪيو ويو جنهن جي ڪري ان جي لاڳت ۽ پڄاڻي جي مدي ۾ تبديلي آئي، ان رستي سان جي ٽي روڊ سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين جو سفر گهٽ ٿي ڪجهه منٽ جو رهجي ويو، ان جي ڪري سرينگر هاءِ وي تي ٽريفڪ جو وهڪرو گهٽ ٿيو، مقامي ليبر ۽ تعميراتي مواد بابت انڊسٽري کي فروغ مليو، ان رستي سان ان علائقي جا ماڻهو به فائدو کڻندا، ان رستي جي ڀرپاسي سي ڊي اي پاران ??ڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. ان ??وقعي تي وزيراعظم کي ان ??نصوبي جو ماڊل پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم پاران مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے