اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعيت ??لماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل ا??رحمان جي رهائشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمعيت ??لماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم خار، باجوڙ ۾ جمعيت ??لماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي ??ي روڪٿام ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائينداسين. نگران وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل ا??رحمان انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه آمد، ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس