اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پروگرام تي سخت?? سان عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئنڪ هلندڙ مال?? سال جي پڄاڻي تي معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي نال?? سان جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلندڙ مال?? سال جي پڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي اقتصادي سستي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي ??ن حساين ٻ??ايو ته پاڪستان جي اقتصادي اوسر ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام ثابت قدم?? سان اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻ??ايو ته اقتصادي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي معيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۽ سال 2024ع ۾ عام چونڊن سان اعتماد ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان زراعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي فراهمي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنعتن کي به فائدو ٿيندو.
پاڪستان ۾ معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن