اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مليريا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي ع??لد??آمد جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ملير??ا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال 25 اپريل تي ملير??ا جو عالمي ڏينهن آگاهي ??يد?? ڪرڻ ۽ ملير??ا جي ڪنٽرول ۾ درپيش چئلينجز جو حل ڳولڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. صدر چيو ته ملير??ا جي روڪٿام، سُڃاڻپ ۽ علاج ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عوام کي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن جو مقصد ملير??ا جي هر مشتبه ڪيس جي جانچ، تصديق ۽ ان جو معياري علاج ڪرڻ آهي. صدر چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته قومي صحت واري وزارت گڏيل يونٽ جي ذريعي مليريا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون آهن. صدر چيو ته ڪامن مئنيجمينٽ يونٽ مليريا هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. آصف علي زرداري چيو ته بدقسمتي سان 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ ملير??ا جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿيو. صدر چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي ڪري ملير??ا جي روڪٿام جي ڪوششن کي نقصان پهتو، سموريون صوبائي حڪومتن ۽ ٻين ڌرين کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي ان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿين. هن چيو ته سموريون ڌريون مليريا بابت آگاهي ??يد?? ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کڻن.
پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II