اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ان ف??صل?? کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت 11 ڊس??بر 2023ع جي ف??صل?? تي نظرثاني جي درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊس??بر 2023ع جي ان جي حڪم کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئي فيصلا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آه??. ت??جمان چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي جيئن ته گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپي?? قراردادن ۾ لکيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتمي ف??صل?? گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپي?? قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت کي ڪشمير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفي ف??صل?? ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي ف??صل?? جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿا سگهن. ڀارتي سپريم ڪورٽ اهو ف??صل?? پهرين مئي تي ڪيو آهي جيڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.
پاڪستان پاران ڀارتي سپريم ڪورٽ جو ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا