اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ??رق?? جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن و??ري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن و??رو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گلگت بلتستان جو وڏو وزير حاجي گلبر خان، گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان جو ناڻي وارو وزير انجنيئر محمد اسماعيل، گلگت بلتستان جو منصوبابندي ۽ ??رق?? وارو وزير راجا ناصر علي خان، ڪشمير معاملن و??رو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن و??ري وزارت جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن و??ري وزارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.
وزيراعظم گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز