اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي عهدو ڇڏيندڙ سي??ريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خسرو نوزيري وزيراعظم کي اي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي مقرري دوران اي سي او کي بحال ڪرڻ جي پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم اي سي او کي علائقائي تعا??ن جي پليٽ فارم جي طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سي??ريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خسرو نوزيري پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿيو هو جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي لاءِ پڻ ن??ڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اي سي او سڌاراجاتي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته اي سي او ويزن 2025ع جي اهم دستاويز تي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ 2017ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هي??ن جيڪو اي سي او جي لاءِ هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي لاءِ اها ڳالهه به فخر جوڳي آهي ته اي سي او جو ايندڙ سي??ريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان، پاڪستان جو اڳوڻي پرڏيهي سي??ريٽري رهي چڪو آهي. خسرو نوزيري اي سي او جي سي??ريٽري جنرل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ