اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهرن ۾ اڄ کان ”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪاروباري بر??دريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستان پوسٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان پوسٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺ?? ۽ ??هراڙيءَ ۾ صارف??ن کي پيشوراڻين خدمتن سان گڏوگڏ الائيڊ سروسز فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ٽپال اڄ ئي پڄائڻ تحت 5 کان 20 ڪلوگرام سامان جي رسد جي سروس فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت هڪ ٻن وڏن شهرن ۾ ساما?? ۽ ??ارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي ڪاروباري بر??دريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پوسٽ عملدارن ٻُڌايو ته ان وقت ملڪ جي 27 وڏن شهرن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هي سروس ٻين ڪوريئر ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سروس فراهم ڪري رهي آهي. پاڪستان پوسٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سان گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارف??ن کي بااعتماد سروس گه?? جي دروازي تي ميسر هوندي.
پاڪستان ٽپال پاران ملڪ جي 27 شهرن ۾”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت شروع
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha