اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چ??و آهي ته پاڪ??تا?? جي معيشت مستحڪم ٿي آهي، هلندڙ مالي سال دوران مجموعي قومي پيداوار جي شرح 2.8 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 3.2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آ??ي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان ڪالهه خميس ڏينهن پاڪ??تا?? ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ ۽ سائوٿ ايشيا ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري رپورٽون جاري ڪرڻ جي موقعي تي چئي وئي آهي. پاڪ??تا?? ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي چيف اڪنامسٽ فرانز اسڪاليز لوٽي خميس ڏينهن رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا کي خصوصي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? معاشي بحران مان نڪري آ??و آهي. ڪلي معيشت مستحڪم ٿي آهي. هلندڙ مالي سال دوران پاڪ??تا?? جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 3.2 سيڪڙو اضافي جو امڪان آ??ي. مجموعي قومي پيداوار جي شرح سان قرضن جو ڳاڻيٽو 73.8 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 74.7 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آ??ي. رپورٽ ۾ ٻڌايو و??و آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ خسارو هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي شرح سان مالي خسارو 7.6 سيڪڙو تائين رهندو جنهن جو بنيادي سبب وياج جي شرح ۾ وڌيڪ ادائيگي آهي تنهن هوندي به وياج جي شرح ۽ مانيٽري ۽ مالياتي پاليسين ۾ نرمي سبب ايندڙ مالي سال دوران مالي خسارو 7.1 سيڪڙو تائين ويندو. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪ??تا?? جي معيشت ??ي استحڪام جو دارومدار عالمي مالياتي فنڊ جي توسيع فنڊ سهولت پروگرام تحت طئي ڪيل هدفن ۽ قدمن تي آهي. رپورٽ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو و??و آهي ۽ ٻڌايو و??و آهي ته حڪومت ڊسڪوز جي بورڊ ۾ بهتري آڻي رهي آهي ۽ ان ۾ نجي شعبي کي شامل ڪيو پيو وڃي جنهن سان بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ بهتري ايندي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال دوران زراعت جي شعبي ۾ 6.4 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ 2.2 سيڪڙو اضافي جو امڪان آ??ي. مهانگائي جي شرح گهٽ ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿ??و آهي، ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪ??تا?? کي وچولي مدي تائين 20 کان 22 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت هوندي.هن ٻڌايو ته پاڪ??تا?? ۾ ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل آهي، عالمي بئنڪ بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ پاڪ??تا?? سان ڳالهيون ڪري ره??و آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ روزگار ۾ اضافي لاءِ واڌ جي موجوده شرح گهٽ آهي. روزگار جا موقعا ضرورت موجب گهٽ آهن، پبلڪ فنانسنگ سان صورتحال ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال دوران ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ اقتصادي ترقي جي شرح 6.6 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 6.2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آ??ي.
پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو