اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات،نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 26هين آئيني ترميم جي منظوري کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ??ڄ هڪ نئُون سج اڀريو آهي، اڄ پاڪستان جي عوام، رياست پاڪستا?? ۽ ??مهوريت جي فتح ٿي آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته ??ئيني ترميم عوام جي حق ۾ هوندي. اها ڳالهه هن 26هين آئيني ترميم جي منظوري تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سمورين اتحادي پارٽين ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ئيني ترميم سان آئيني ۽ قانوني معاملن کي وڌيڪ استحڪام ملندو، 26هين آئيني ترميم تي ڊگهي مشاورت ٿي، حڪومت حتي الامڪان ڪوشش ڪئي ته ??ئيني ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري جمهوريت جي ڪاميابي آهي جنهن کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آئيني عدالت جي سوچ جو بنياد رکيو هو، تاريخ ثابت ڪندي ته ??ئيني ترميم عوام جي حق ۾ هوندي. هن چيو ته ??ئيني ترميم سان عو??م کي انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته ??ياست ۾ ضد ناهي ه??ندو، آئيني ترميم جي منظوري ميثاق جمهوريت جي ايجنڊا جي تڪميل آهي. هن چيو ته ??ئيني ترميم سان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي کي تسليم ڪيو ويندو. هن چيو ته ??ئيني ترميم سان عدليه ۾ مقرري?? ۽ ??جز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي عمل ۾شفافيت ايندي ۽ پارليامينٽ بالادست اداري جي طور تي پنهنجو ڪم ڪري سگهندو.
26هين آئيني ترميم جي منظوري پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل آهي، اڄ هڪ نئُون سج اڀريو آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن