اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي هدايت ڪئ?? آهي ته عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هي?? ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، غريب عوام کي ٽيڪس جو وڌيڪ بار وجهڻ جي بدران باقيدارن کان ٽيڪس وصول ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لين?? روينيو جي اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي عدالتن ۾ التوا هي?? اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. وزيراعظم اپيليٽ ٽربيونلز ان لين?? روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي سُٺي پ??ها??، مراعتن ۽ پيشيواراڻي ٽيلينٽ جي بنياد تي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلينٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙين جا ڪيس فوري حل ڪيا وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ايف بي آر اوڳاڙين تي ڪم تيزي سان جار?? آهي. تازو ئي مون ڪراچي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ نظام جاري ڪيو، جديد خودڪار نظام سان ڪرپشن جو خ??تم?? ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پئسي جو تحفظ ڪنداسين، ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس وصول ڪنداسين، نه وري غريب عوام تي ٽيڪس جو بار وجهنداسين. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ان لين?? روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي سڌارن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سڌارن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ايف بي آر کي عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا