اسلام آباد- 04 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لوئر ڪرم ۾ گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چ??و آهي ته وڳوڙي ڌريون فساد پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ مان جاري بيان ?? صدر مملڪت ڪرم ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مملڪت چيو ته وڳوڙي ڌريون عوام جا دشمن آهن ۽ جهڙا پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي، صدر مملڪت ڊپٽي ڪمشنر سميت فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں