بيجنگ-28 آگسٽ (اي پي پي) چين ۾ انٽرنيٽ جي ترقيءَ تي 52هين شمارياتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. چين جي خابرو اداري مطابق چائينا انٽرنيٽ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق جون 2023ع تائين چين جي انٽرنيٽ صارفين جو ڳاڻيٽو 1.79 ارب تائين پهچي ويو، جنهن ?? ڊسمبر 2022ع جي ڀيٽ ۾ 11.09 ملين جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي ۽ انٽرنيٽ تائين رسائيءَ جي شرح 76.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته نيٽ ورڪ جي انفراسٽرڪچر جي لحاظ کان جون 23ع تائين چين ۾ ڊومين نيمز جو ڪل انگ 30.24 ملين آهي، فعال آءِ پي وي 6 صارفين جو انگ 767 ملين ۽ موبائل فون بيس ا??ٽيشنن جو مجموعي انگ 11.29 ملين تائين پهچي ويو، ??نه?? مان 2.937 ملين 5 جي بيس ا??ٽيشن مڪمل ۽ فعال آهن، جيڪي موبائل بيس ا??ٽيشنن جي ڪل انگ جو 26 سيڪڙو آهن. موبائل انٽرنيٽ ايپليڪيشنز تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن ?? گهريلو ماريڪٽ ۾ فعال ايپس جو انگ 2.6 ملين تائين پهچي ويو آهي. 52هين ”چين جي انٽرنيٽ نيٽ ورڪ جي ترقيءَ تي شمارياتي رپورٽ“ مطابق سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ چين جي مارڪيٽ جي طلب جي بتدريج بحالي جي پس منظر ۾ ڊجيٽل معيشت مستحڪم ترقيءَ لاءِ هڪ اهم انجڻ بڻجي وئي آهي ??نه?? معاشي بحران کي مضبوطيءَ سان هٿي وٺرائي آهي. سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ قومي آن لائ?? ريٽيل سيل 7.16 ٽريلين يوآن رهي، جنهن ??هر سال 13.1 سيڪڙو اضافو ٿي ريهو آهي ??نه?? سان ڳوٺاڻي آن لائ?? ريٽيل سيل 1.12 ٽريلين يوآن تائين پهچي وئي، جنهن ?? هر سال 12.5 سيڪڙو جو اضافو ٿي رهيو آهي. ڊجيٽل معيشت جي هڪ اهم شڪل طور آن لائن خريداري کپت جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
چين ۾ انٽرنيٽ جي ترقيءَ تي 52هين شمارياتي رپورٽ جاري
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج