قاهره -26 سيپٽمبر (اي پ?? پي) مصر ۾ ال??ڪش?? اختيارين صدارتي چونڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا مطابق نيشنل ال??ڪش?? اٿارٽي جي چيئرمين جسٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿ??ند??، اميدوار آڪٽوبر کان درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن جي فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏني و??ند??، چونڊ مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي ۽ نتيجن جو اعلان 18 ڊسمبر تي ڪيو و??ند??. اڳوڻي آرمي چيف صدر عبدالفتاح السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو. 68 سالن جو عبدالفتاح السيسي پ??ريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ وري 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ مخالف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر فريد زهران به چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪ??و آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون