رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته هن سال حج لاءِ ان??رو?? ملڪ ۽ پرڏيهه مان ايندڙ حج جا خواهشمند ويڪسينيشن جو ڪورس مڪمل ڪرائين .اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج جي خواهشمندن لاءِ ضروري آهي ته صحت ايپ تي ويڪسينيشن سرٽيفيڪٽ کي اپ ڊيٽ رکن جنهن ۾ ڪووڊ – 19 ايڊوانس جو هڪ ڊوز جڏهن ته انفلوئنزا ويڪسين ۽ گذريل 5 سالن دوران لڳل گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين جو اپ ڊيٽ ??يل سرٽيفيڪيٽ ??جڻ ضروري آهي. وزارت پرڏيهي مملڪت مان آيل حج جي خواهشمندن کي به هدايت ڪئي ته هو ويڪسينيش سرٽيفيڪيٽ جو خيال رکن ۽ حج درخواست سان گڏ جمع ڪرائين. صحت واري وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي معلوماتي لنڪ به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ اردو، انگلش ۽ ٻين ٻولين ۾ ضروري ويڪسينيشن جا س??ورا تفصيل ۽ صحت جي معاملن جي حوالي سان ٻيون هدايتون وضاحت سان بيان ڪيون ويون آهن .
حج جا خواهشمند ويڪسينيشن ڪورس مڪمل ڪرائين: سعودي عرب جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará